زاد الفقير

زاد الفقير (ڪتاب): هيءُ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو سنڌي شاعريءَ تي مشتمل قلمي نسخو آهي، هي قلمي نسخو برٽش ميوزم لنڊن ۾ A.D.D 26331 نمبر تي جلد جو ٻيو حصو رکيل آهي، جلد جي پهرئين حصي ۾ ڪتاب ”فرائض السلام“ داخل آهي. هن جلد جي ماپ ڊيگهه ۾ اٺ انچ، ويڪر ۾ ساڍا چار انچ آهي، هن نسخي ۾ 243 ورق آهن، هر صفحي تي تيرنهن کان سورنهن سٽون آهن، سٽن جي ڊيگهه ٽي انچ آهي ۽ هن جلد جي ڪتابت جو سال 1152هه/1739ع ڄاڻايل آهي. زاد الفقير نسخو ورق 173 کان شروع ۽ 242 تي ختم ٿئي ٿو. هن نسخي ۾ روزي بابت احوال لکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سن 1125هه/1713ع ۾ تيار ٿيو، هن نسخي جي ڪتابت سن 1152هه/1739ع ۾ حافظ ميان مٺي سومري ڪئي. مخدوم صاحب جي هن ڪتاب کي ’زاد المسڪين‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. هي ڪتابي صورت ۾ مجتبائي پريس لاهور پاران پهرين رجب المرجب 1312هه/29 ڊسمبر 1894ع تي شايع ٿيو.


لفظ زاد الفقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو